سنڌي ادبي سنگت شاخ نئون ڪوٽ پاران پريس ڪلب جي چونڊيل عهديدارن کي آجياڻو ڏنو ويو
آن لائين انڊس رپورٽر | 1 مھينو پھريان

نئون ڪوٽ (رپورٽ: پيار علي نھڙيو) سنڌي ادبي سنگت شاخ نئون ڪوٽ پاران پريس ڪلب نئون ڪوٽ جي سال 2021 جي چونڊيل عهديدارن کي آجياڻو ۽ مبارڪ باد ڏني وئي.
تفصيل موجب سنڌي ادبي سنگت شاخ نئون ڪوٽ جي سيڪريٽري مصطفيٰ خاصخيلي، ڪائونسلر اعجاز انڙ، اياز شاھ رضوي، وفا محمود نھڙيو، ڪيلاش شرما، صوبدار قاسمي ۽ ٻين پاران نئون ڪوٽ پريس ڪلب جي چونڊيل عهديدارن کي مبارڪ باد ۽ اجرڪن جا تحفا ڏنا.
ان موقعي تي سنڌي ادبي سنگت شاخ نئون ڪوٽ جي شاعرن ۽ اديبن چيو ته صحافت هڪ اهم ذميواري آهي، صحافي بنا ڪنهن مفاد جي عوام جو ڀرجهلو ٿي بيهن ٿا. اسان اهڙن صحافين کي سلام پيش ڪريون ٿا.
تقريب ۾ عوامي تحريڪ ٿرپارڪر جي اڳواڻ رحمان نھڙي، صابر اوٺو، ملڪ ڏورٿ، رزاق خاصخيلي، موسيٰ احمداڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

59