برطانيا ۾ معجزي واري ٻار جي پيدائش

news

لنڊن: برطانيا ۾ هڪ اهڙو ٻار جيڪو وقت کان اڳ پيدا ٿيو ۽ ڪرونا سميت ٻن ٻين بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويو پر هن ٽنهي بيمارين کي شڪست ڏئي ڇڏي.

صحتمند ٻار جي ابتڙ ان ٻار جي پيدائش سندس وقت کان 15 ڏينهن اڳ ٿي، جڏهن هو پيدا ٿيو ته ان جي دل به نه پئي ڌڙڪي.

ڊاڪٽرن جي 40 منٽ محنت کانپوءِ هن جي ڌڙڪن شروع ٿي ته ان کي وينٽيليٽر واري انتهائي سنڀال جي وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو.

هي ٻار جنهن جو نالو ”آرچي“ رکيو ويو آهي، هڪ فيبروري 2020 جي ڏينهن نوجوان جوڙي شيري مري ۽ رابرٽ ايڊورڊ وٽ پيدا ٿيو پر پنهنجي پيدائش کان تڪڙو هن کي ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو.

”آرچي“ پنهنجي پيدائش جي پنجين هفتي ۾ ئي ”اي ڪولائي“ نالي جراثيم کان متاثر ٿي بيمار ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ هو هڪ مهلڪ مرض”ايپسس“ جو شڪار ٿي پيو.

ڊاڪٽرن هنگامي بنيادن تي هن جي ٽيسٽ ڪئي ته خبر پئي نئون ڄاول آرچي هنن ٻن بيمارين کانسواءِ ڪورورنا ۾ به مبتلا ٿي چڪو آهي، اهڙيءَ طرح هي پوري برطانيا ۾ ڪورونا جي مريضن ۾ تمام ننڍڙو مريض آهي.

ڊاڪٽرن حوصلو نه وڃايو ۽ هن جو علاج شروع ڪيو، هن وقت جيئن ته آرچي جي عمر اٺ هفتا آهي پر هو انهن ٽنهي بيمارين کي شڪست ڏئي چڪو آهي ۽ هن جي صحت به سڌري رهي آهي.

مڪمل طور صحتيابي تائين آرچي کي برنلي جنرل هاسپيٽل، لنڪا شائر ۾ ٻارن جي انتهائي سنڀال واري وارڊ ۾ رهڻو پوندو.

جهڙيءَ طرح آرچي ٽن مهلڪ بيمارين کي شڪست ڏني آهي، ان کي ڏسندي برطانيا جي ميڊيا هن جو نالو”معجزي وارو ٻار“ رکيو آهي.

اهو نالو هڪ طرح درست به آهي ڇو ته 15 هفتا پهريان ڄاول ٻار ڪافي ڪمزور هوندا آهن ۽ ان دوران هو پنهنجي جنگ پيا وڙهندا آهن، اهڙي حالت ۾ ٽن بيمارين کي شڪست ڏيڻ واقعي به ڪنهن معجزي کان گهٽ ناهي.