وزيراعظم پاران ”ڪامياب ڪسان“ منصوبو شروع ڪرڻ جو فيصلو

news

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان ”ڪامياب ڪسان“ منصوبو شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

پاڪستان ۾ هارين جي لاءِ هڪ سٺي خبر سامهون آئي آهي، وزيراعظم عمران خان ڪامياب جوان پروگرام کانپوءِ ”ڪامياب ڪسان“ منصوبو شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

وزيراعظم جي خاص مددگار عثمان ڊار ان حوالي سان ٻڌايو ته وزيراعظم عمران خان ساهيوال ۾ ”ڪامياب ڪسان“ پروگرام لانچ ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو آهي، ڪامياب ڪسان منصوبو ڪامياب بينر هيٺ شروع ٿيندو، منصوبي تحت اهي هاري جيڪي وسيلن جي کوٽ سبب پوئتي پئجي ويا آهن انهن جي مدد ڪئي ويندي.

عثمان ڊار ٻڌايو ته نوجوانن ڊيري فارمنگ، لائيو اسٽاڪ ۽ زرعي شعبي ۾ سهڪار جي درخواست ڪئي آهي، حڪومت زرعي شعبي سان لاڳاپيل نوجوانن کي مالي ۽ ٽيڪنيڪي مدد ڏيندي، سڀاڻي وزيراعظم نوجوان هارين ۾ ٽريڪٽر ورهائيندو.