news
اسلام آباد

آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين ۽ ڊيلرز جي منافعي ۾ اضافي جي تجويز

اسلام آباد: پيٽروليم ڊويزن آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين ۽ ڊيلرز جي منافعي ۾ اضافي لاءِ سمري ڪابينا جي اقتصادي ڪميٽي ڏي موڪلي ڇڏي.

دستاويز موجب پيٽروليم ڊويزن پاران ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي ڏي موڪليل سمري ۾ في ليٽر پيٽرول تي آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين ۽ ڊيلرز جي منافعي ۾ هڪ روپيو ٽي پيسا اضافي جي تجويز ڏني آهي.

ان کان علاوه في ليٽر ڊيزل تي آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين ۽ ڊيلرز جي منافعي ۾ 95 پيسا اضافي جي تجويز آهي.

پيٽروليم ڊويزن جي سمري اقتصادي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ اينجنڊا تي هوندي.