news
اسلام آباد

اوگرا سنڌ ۽ بلوچستان لاءِ گيس جي اگهن ۾ منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: آئل اينڊ ريگيوليٽري اٿارٽي(اوگرا) سنڌ ۽ بلوچستان جي لاءِ گيس جي اگهن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

گيس جي اگهن ۾ 39 روپيا 89 پيسا في ايم ايم بي ٽي يو واڌ جي منطوري ڏني وئي.

اوگرا سوئي سدرن جي درخواست تي فيصلو جاري ڪيو، گيس جي اگهن ۾ واڌ تي عمل حڪومت جي منظوري کانپوءِ ٿيندو.

گيس جو اگهه 778 روپيا 59 پيسا في ايم ايم بي ٽي مقرر ڪئي وئي آهي.

ذريعن موجب وفاقي حڪومت جي منظوري کان اڳ گيس جو اگهه لاڳو نه ٿيندو، سوئي نادرن جي اگهن ۾ واڌ جي درخواست تي اڃان فيصلو ٿيڻو آهي، سوئي نادرن جي اگهن ۾ واڌ جي درخوست تي اڃان فيصلو ٿيڻو آهي، فيصلو اچڻ کانپوءِ وفاقي حڪومت حتمي فيصلو ڪندي.