تائيوان جي آزادي جو مطلب جنگ آهي:چين

news

بيجنگ: چين خبردار ڪيو آهي ته تائيوان پاران آزادي جو مطلب جنگ آهي.

چين پاران اهڙي قسم جو بيان فوجي تيارين ۾ اضافي ۽ تائيوان ٻيٽ جي ويجهو جنگي جهاز اڏائڻ جي هڪ ڏينهن کانپوءِ آيو آهي.

هي بيان آمريڪي صدر جوبائيڊن پاران تائيوان جي مڪمل حمايت ڪرڻ کانپوءِ به سامهون آيو آهي.

چين جي بچاءَ واري وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اهي قوتون جيڪي تائيوان جي آزادي جي ڪوشش ڪري رهيون آهن اهي اصل ۾ باهه سان کيڏي رهيون آهن جنهن ۾ اهي سڙي وينديون، تائيوان جي آزادي جو مطلب جنگ آهي.

ياد رهي ته چين تائيوان کي پنهنجو هڪ صوبو سمجهي ٿو جڏهن ته تائيوان پاڻ کي هڪ الڳ رياست سمجهي ٿو.