گپچاڻي ٿاڻي تي ريڊ ڪمشنر جو ڇاپو، پوليس کي ڇنڊ، گرفتار ٿيلن کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم

news

نوابشاهه (رپورٽ: فدا چانڊيو) پنج ڏينهن اڳ گپچاڻي ٿاڻي تي گرفتار ٿيل 3 ڄڻن ڏاڙھون ڀيل، پريم چند ڀيل ۽ جاويد ماڇي کي گپچاڻي پوليس پاران ظاهر نه ڪرڻ تي ڀيل برادري جي مائٽن ڀورو ڀيل پاران سندس وڪيل بابو چانڊيو معرفت سيشن جج شھيد بينظيرآباد جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي.

جنهن تي سيشن جج شھيد بينظيرآباد جوڊيشل ميجسٽريٽ صغير شاهه کي ريڊ ڪمشنر مقرر ڪيو، جنهن گپچاڻي ٿاڻي تي ڇاپو هنيو ۽ گپچاڻي پوليس کي ڇنڊ پٽيندي کين حڪم ڪيو ته گرفتار ٿيل ٽنهي ڄڻن کي سڀاڻي سيشن جج شھيد بينظيرآباد جي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

هوڏانهن واضح رهي ته گرفتار ٿيل ٽن ڄڻن مٿان گپچاڻي ٿاڻي تي چوري جي ايف آءِ آر داخل هئي، جڏهن ته گپچاڻي جو ايس ايڇ او محمود جٽ سندن گرفتار ظاهر نه پئي ڪئي.