بدين: ڪتاب”ڳالهيون منهنجي ڳوٺ جون“ جي مهورتي تقريب ٿي گذري

news

بدين(رپورٽ:تنوير احمد آرائين) نالي واري مزاحمتي شاعر حافظ نظاماڻي چيو آهي ته ملڪ سميت سنڌ مان آمريت جي خاتمي ۽ جهموريت جي بحالي سان گڏ علم ادب ۾ بدين جي تاريخي قديمي ڳوٺ انڊاهلو جو ڪردار نمايان رهيو آهي جتي هن وقت 95 سيڪڙو مرد ۽ عورتون تعليم يافته آهن.

شمشير الحيدري اڪيڊمي جي سهڪار سان ايوان صحافت هال بدين ۾ نالي واري شاعر ليکڪ ۽ عوامي جهموري پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ خادم ٽالپر جي لکيل ڪتاب “ڳالهيون منهنجي ڳوٺ جون” جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو آهي ترقي يافته سڏجندڙ هن دور ۾ منهنجي ڳوٺ جي 400 شاگردن واري اسڪول ۾ هڪ به استاد مقرر نه آهي جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اسان ڪيئن تبديل ٿينداسين.

شاعر آڪاش انصاري چيو ته خادم ٽالپر سياسي تربيت ڪندڙ استاد رهيو آهي جنهن مونکي پرائمري جي تعليم به ڏني آهي، ليکڪ ۽ شاعر نقاش علواڻي چيو ته مون خادم ٽالپر جي ڪتاب کي مڪمل نه پڙهيو پر انکي نظر مان ڪڍڻ بعد خبر پئي ته هن پنهنجي ڪتاب ۾ ميوزم رکيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته اسان کي پنهنجي ابن ڏاڏن جا شجرا لکڻ ۽ پنهنجي ماضي تي فخر ڪرڻ بجاءِ اهو سوچڻ ۽ لکڻ گهرجي ته اسان پنهنجي نسل لاءِ ڇا ڪيو آهي ۽ هاڻ ڇا ڪنداسين.

پروفيسر طفيل چانڊيو چيو ته خادم ٽالپر سرگرم سياسي ڪارڪن هئڻ سان گڏ محنتي استاد به رهيو آهي جنهن علم وڌائڻ جي ڪوشش به ڪئي.

ڪتاب جي ليکڪ خادم ٽالپر چيو ته مون ڳوٺ ۽ سنڌ جي حالتن کي سامهون رکي انکي ڪتاب ۾ قلم بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، دوستن جي مهرباني جن مونکي حوصلو ڏنو.

تقريب کي ليکڪ پريت پال سنگهه سوڍو، ڪامريڊ مير بليدي موسيٰ جوکيو، ولي حيدر ميمڻ ۽ منور تبسم کتري کان علاوه پريس ڪلب جي صدر تنوير احمد آرائين، ايوان صحافت جي صدر حاجي خالد  محمود گهمڻ، پروفيسر ڊاڪٽر شرف الدين ٽالپر، مجاهد خواجه  غفار کوسو، زبير جعفراڻي ۽ مجاهد خواجه پڻ خطاب ڪيو جڏهن ته نوجوان شاعر آصف نگارش ميمڻ ۽ اشرف حسرت شاعري  جڏهن ته فقير ذوالفقار لنڊ وائي پڻ ٻڌائي.