news
اسلام آباد

بنيادي ضرورتن وارين شين جي اگهن ۾ معمولي گهٽتائي

اسلام آباد: شماريات جي وفاقي اداري موجب ملڪ مهانگائي ڪجهه گهٽ ٿي آهي.

شماريات جي اداري موجب جنوري 2021 دوران ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح 5.7 سيڪڙو رهي ۽ ڊسمبر 2020 ۾ اها شرح 8 سيڪڙو هئي جڏهن ته جولاءِ کان جنوري تائين مهانگائي جي شرح 8.19 رهي، ماهوار بنياد تي مهانگائي جي شرح ۾ 0.2 سيڪڙو گهٽ رهي.

اداري جي رپورٽ موجب جنوري ۾ کنڊ 14.76 سيڪڙو مهانگي ٿي ۽ ماهوار بنياد تي ڪڻڪ 8.17 سيڪڙو، گيهه 6.06، کير 2.46 سيڪڙو مهانگي ٿي.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ماهوار بنياد تي کنڊ، سرنهن جو تيل، ڪڻڪ، گيهه، ڪوڪنگ آئل، کير، مڱن جي دال ۽ فروٽ جي اگهن ۾ اضافو ٿيو.

رپورٽ موجب ماهوار بنياد تي پٽاٽا 33.57، ٽماٽا 30.03 سيڪڙو، چڪن 28.48 سيڪڙو، بصر 24.87 سيڪڙو، بيضا 15.39 سيڪڙو ۽ سبزيون 10.14 سيڪڙو سستيون ٿيون.