نوابشاهه (رپورٽ: فدا چانڊيو) نوابشاهه ڀرسان ڳوٺ ميرمحمد حسن رند ۾ اڍائي مھينا اڳ 12 سالن جي نينگري ستين ڪلاس ۾ پڙهندڙ نرما رند سان زيادتي ڪري بعد باهه ڏئي بي درديءَ سان ساڙي قتل ڪيس ۾ پوليس پاران نينگري جو ڀاءُ افتخار رند کي جوابدار ڄاڻايو ويو.
جوابدار ڄاڻايل افتخار رند جي ڊي اين اي رپورٽ ڪرائي وئي، جيڪا رپورٽ جوابدار سان ميچ نه ٿي آهي، پوليس اھڙي رپورٽ ڪنزيومر ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي.
نوابشاهه پوليس پاران اُن وقت ھڪ پريس ريليز جاري ڪئي هئي، جنھن ۾ پوليس ڄاڻايو ھو ته نرما جي قتل ۾ ڀاءُ ملوث آهي، ڀاءُ افتخار زيادتي بعد ڀيڻ کي قتل ڪري باهه ڏئي ساڙيو آھي.
اُن وقت جوابدار جي والدين پاران پوليس جي الزام کي ڪوڙو قرار ڏنو ھو، جڏھن ته ھاڻي ڊي اين اي رپورٽ ۾ جوابدار افتخار جو ڊي اين اي ميچ نه ٿيو آهي.