اسرائيل جو شام تي ميزائل حملو ناڪام، شامي فوج جو ڀرپور جواب

news

دمشق: اسرائيل شام جي ڏاکڻين حصي تي ميزائل حملو ڪيو جنهن کي شامي فوج ناڪام بڻائي ڇڏيو.

عرب ميڊيا موجب ڏکڻ شام ۾ گذريل ڏينهن اسرائيلي فوجن ميزائلن سان حملو ڪيو جنهن کي ميزائل دفاعي نظام جي ڪري ناڪام بڻائي ڇڏيو، اسرائيلي گولان پاران زمين کان زمين تائين مار ڪندڙ ڪيترائي ميزائل فائر ڪيا پر شامي فوج سمورن ميزائلن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو.

شام ۾ ڪم ڪندڙ انساني حقن جي تنظيم موجب اسرائيل جي حملي ۾ حڪومتي فوج ۽ ايراني مليشيا کي نشانو بڻايو ويو پر ڪو جاني نقصان نه ٿيو.

ياد رهي ته گذريل مهيني اسرائيل پاران شام تي حملي ۾ 57 ماڻهو مارجي ويا هئا جنهن ۾ حڪومتي فوج سان گڏ ٻيا ماڻهو به شامل آهن.