نوابشاهه ۾ آل سنڌ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ لوئر اسٽاف پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

news

نوابشاهه (رپورٽ: فدا چانڊيو) آل سنڌ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ لوئر اسٽاف پاران پنھنجي جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ  وزير ڪيريو، فياض احمد ڪيريو، مولاداد ڳاھو، صديق رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٻانھن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ايڇ ايم خواجه گارڊن اسڪول کان ريلي ڪڍي وئي، جيڪا مختلف رستن کان ٿيندي نوابشاهه پريس ڪلب پھتي.

جتي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ لوئر اسٽاف جي ننڍن غريب ملازمن جون پگھارون بند پيل آھن جيڪي اڃا تائين نہ ڏنيون ويون آھن، جنھن جي ڪري ملازمن جا ٻچا فاقاڪشي ڪرڻ تي مجبور آھن. ھنن چيو تہ ملازمن جي فوتي ڪوٽا بحال ڪئي وڃي ۽ وردي الائونس ڏنو وڃي.

ھنن تعليم واري وزير کان مطالبو ڪيو تہ 11 فيبروري تي رکيل ڊي پي سي ملتوي ڪئي وڃي ۽ ملازمن جا جائز مطالبا فوري تسليم ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.