ٽينس اسٽارسرينا وليمز پائرنڪوووا کي شڪست ڏئي ڇڏي

news

سڊني: اڳوڻي عالمي نمبر هڪ سرينا وليمز بلغاريه جي سويتانه پائرنڪووا کي اسٽريٽ سيٽس ۾ شڪست ڏئي ڇڏي.

سيمونا هيلپ سندس مخالف جرمني جي سيگمنڊ کي ٻه صفر جو منهن ڏيکاريو، هن ڇهه ٻه ۽ ڇهه چار سان فتح حاصل ڪئي.

جرمن رانديگر ياڻي اينجليڪ ڪربر ۽ چيڪ جمهوريا جي سينيا ڪووا وچ ۾ سخت مقابلو ٿيو، اڳوڻي نمبر ون جو اسڪور ڇهه ٽي، چار ڇهه ۽ ڇهه ٽي رهيو.

عورتن جي ئي هڪ ٻئي مقابلي ۾ انگلش رانديگرياڻي جوهنا ڪونٽا مخالف بيگو خلاف ٻه هڪ جي فتح پنهنجي نالي ڪئي، ٽينس سيزن جي پهرئين گرينڊ سليم آسٽريلين اوپن کان پهرين وومين رانديگرياڻين جا مقابلا ڌيان جو مرڪز رهيا.