ٽڪ ٽاڪ وڊيو ڪونٽنينٽ لاءِ نوان شرط جاري ڪري ڇڏيا

news

بيجنگ: ٽڪ ٽاڪ وڊيو شيئرنگ تي نوان پر سخت شرط هڻندي ڪجهه اهم اعلان ڪيو آهن.

هاڻ ٽڪ ٽاڪ ايپ غير تصديق وڊيو جي تصديق نه ٿيڻ تي ان جي نشاندهي(فليگ) ڪندي ته جيئن ان پليٽ فارم تي غلط معلومات جي ڦهلاءَ کي روڪي سگهجي.

ان نئين فيچر تحت وڊيو تخليقڪار جي اسڪرين تي هڪ نئون فيچر ظاهر ٿيندو خاص ڪري ان وقت جڏهن ان وڊيو جو جائزو وٺڻ وقت ان جي تصديق نه ٿي سگهندي، جيڪڏهن اها وڊيو پوسٽ ٿي وڃي ٿي ته بلڪل فيس بڪ وانگي ان تي تنبيهي (وارننگ) ليبل به ظاهر ٿي ويندي.

ٽڪ ٽاڪ ٺاهيندڙ چيني ڪمپني بائٽ ڊانس پنهنجي هڪ بلاگ ۾ ان تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، ٽڪ ٽاڪ چيو آهي جيئن ته هو ان ايپ تي جاري وڊيو جا ذميوار آهن تنهن ڪري ته هو ان تي غلط معلومات روڪڻ جي ڪوش ڪندا، ٽڪ ٽاڪ چيو آهي ته اها وڊيو خبرن جي صورت، سائنسي معلومات يا وري سياسي معلومات جي صورت ۾ پيش ڪئي ويندي آهي جنهن ۾ غلط بياني به ٿي ويندي آهي.

اهڙيءَ طرح غير تصديق ٿيل ۽ غلط وڊيو جي صورت ۾ وارننگ ظاهر ٿيندي جنهن جو تفصيل ٽڪ ٽاڪر کي به موڪليو ويندو.

في الحال آمريڪا ۽ ڪينيڊا ۾ انهن نين تبديلين ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي پر جلد پوري دنيا به ان کي ڏسي سگهندي.