پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدي جو ورجاءُ دير جو شڪار

news

اسلام آباد: پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدي جو ورجاءُ دير جو شڪار ٿي ويو، معاهدي کي آخري شڪل نه ڏني وئي.

ذريعن موجب افغانستان، پاڪستان ٽرانزٽ ٽريڊ ڪوآرڊينيشن اٿارتي جي ايندڙ اجلاس جي تاريخ به اڃان تائين طئي نه ٿي سگهي، ان کان پهريان واپار جي مشير عبدالرزاق دائود جنوري ٻه هزار ايڪيهه جي آخر تائين ٽرانزٽ ٽريڊ جو نئون معاهدو ٿيڻ جي اميد ظاهر ڪئي هئي.

واپارجي وزارت جي عملدارن موجب ٻنهي ملڪن پاڪ افغان ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدي جي ورجاءَ لاءِ ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي البت ان حوالي سان ايندڙ اجلاس جي تاريخ ۽ مقام جو تعين اتفاق راءِ سان ٿيندو، عملدارن موجب پاڪ افغان ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدي جي ورجاءَ لاءِ تعميري ڳالهيون ٿي رهيون آهن.