ڄام نواز علي ويجهو روڊ حادثو، ٽنڊوآدم واسي پورهيت نوجوان فوت، ڊرائيور گرفتار

news

ڄام نواز علي (رپورٽ: خالد انور مگسي) ڄام نواز علي ويجهو روڊ حادثو، ٽنڊوآدم واسي پورهيت نوجوان فوت، ڊرائيور گرفتار.

ڄام نواز علي ويجهو ڀوڀر شاخ واري علائقي سانگهڙ ٽنڊوآدم روڊ تي تيز رفتار ٽرڪ جو سائيڪل کي ٽڪر ٿيڻ  نتيجي ۾ پورهيت نوجوان رشيد شيخ چيڀاٽجي موقعي تي فوت ٿي ويو آهي.

اطلاع تي ڄام نواز علي پوليس  فوتي جو لاش تحويل ۾ وٺي ٽنڊو آدم اسپتال نيو ويو جتان پوليس ڪارروائي بعد فوتي جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو، جنهن جو لاش ٽنڊو آدم ۾ سندس گھر پھچڻ تي وارثن ۾ قھرام مچي ويو.