بدين ۾ سيراڻي لڳ ڳوٺ احمد شاهه موري جي ڳوٺاڻن جو پوليس ڏاڍ خلاف احتجاج
آن لائين انڊس رپورٽر | 2 مھينا پھريان

بدين (رپورٽ: تنوير احمد) سيراڻي لڳ ڳوٺ احمد شاهه موري جي ڳوٺاڻن امين گهراڻو، نور محمد گهراڻو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سيراڻي پوليس خلاف بدين پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.
جنهن دوران هنن صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته سيراڻي پوليس پوسٽ جي انچارج جي پٺڀرائي سان اسان جي علائقي چوري ڦر جهڙا ڏوهه وڌي ويا آهن، جنهن سبب ڳوٺاڻن جون ننڊون حرام ٿي ويون آھن، سڄي رات جاڳي گذارڻ تي مجبور آھيون.
هنن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪجھ ڏينهن پهرين ڦورن هٿيارن جي زور تي امين گهراڻو کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري ويا، جن جي سڃاڻپ ٿيڻ ۽ انهن کان موٽرسائيڪل هٿ اچڻ جي باوجود پوليس جوابدار گرفتار ڪري انهن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي.
هنن الزام هنيو ته پوليس ڦر ٿيل موٽرسائيڪل مالڪ کي واپس ڪرڻ لاءِ ڦورن خلاف ڪيس داخل نه ڪرائڻ جو شرط رکي ڇڏيو آهي.
هنن آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد کان مطالبو ڪيو آھي ته بدين ۽ سيراڻي پوليس ساٿاري ڏوهارين کان ڳوٺاڻن کي تحفظ ڏياريو وڃي ۽ ڦرن ۾ ڄاڻايل جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.

102