جبل چاڙهو علي سدپارا ۽ سندس ساٿين جي ڳولا لاءِ پاڪ فوج جو آپريشن جاري

news

اسڪردو: (آچر 07 فيبروري 2021ع)ڪي ٽو جبل پار ڪرڻ جي ڪوشش دوران گم ٿي ويل پاڪستان جي عالمي شهرت يافته جبل چاڙهو علي سد پاره ۽ ان جي ٽيم جي ڳولا ۾ اڄ ٻيهر سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.

علي سدپاره ڪي ٽو جي ٿڌي موسم  جبل پار ڪرڻ جي ڪوشش دوران ٻن ڏينهن کان گم آهي ان سان گڏ موجود ٻن پرڏيهي ساٿين جي به خبر نه پئجي سگهي آهي. گذريل ڏينهن آرمي هيليڪاپٽر جي ذريعي 7 هزار ميٽر جي بلندي تائين گم ٿي ويل جبل چاڙهن جي ڳولا ڪئي وئي پر خراب موسم ۽ تيز هوائن سبب سرچ آپريشن ۾ پريشاني پيش آئي.

قومي هيرو جي ڳولا جو عمل ڪامياب ٿيڻ جي لاءِ پوري قوم دعاگو آهي. جڏهن ته سدپاره ۽ سندس ساٿين جي ڳولا لاءِ خاص ٽيم به جوڙي وئي آهي. رپورٽ موجب دنيا جي ٻئين بلند ترين چوٽي ڪي ٽو تي پاڪستاني جهنڊو لهرائڻ جو خواب اکين ۾ سچائي قومي جبل چاڙهو علي سدپاره ۽ ان جا ٻيا ساٿي گذريل 2 ڏينهن کان گم آهن. ڪي ٽو جي 6 هزار کان وڌيڪ ميٽر بلندي تي اڄ موسم ڪافي بهتر آهي.

جنهن سبب گم ٿي ويل جبل چاڙهن جي ڳولا لاءِ اڄ ٻيهر هيليڪاپٽر جي ذريعي سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي ان جي لاءِ 4 مقامي جبل چاڙهو به تعاون ڪري رهيا آهن. جڏهن ته آرمي جي هيليڪاپٽر کي 7 هزار ميٽر جي بلندي تي سرچ آپريشن ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.