چيني اداڪاره جو نڪ سرجري ڪرائڻ کان پوءِ ڳرڻ لڳو

news

بيجنگ: (آچر 07 فيبروري 2021ع) چيني اداڪاره نڪ جي خوبصورتي جي لاءِ سرجري ڪرائي پر سندس نڪ ڳرڻ لڳو.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب چيني اداڪاره گائو ليائو پنهنجو نڪ سنهو ڪرائڻ جي لاءِ ڪاسميٽڪ سرجري ڪرائي جنهن سندس چهرو بگاڙي ڇڏيو.

خوبصورت اداڪاره نڪ جي ڪاسميٽڪ سرجري خراب ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي تصوير شيئر ڪندي ٻين کي ڪاسميٽڪ سرجري جي خطرن کان آگاهه ڪيو.

گائوليائو چيو ته 4 ڪلاڪ جي سرجري کان پوءِ منهنجي نڪ جي جلد ڪاري ٿيڻ لڳي ۽ نڪ به ڳرڻ لڳو جنهن کان پوءِ هاڻ هڪ سال تائين مان پنهنجي نڪ جو آپريشن نٿي ڪرائي سگهان.

هن چيو ته مان 61 ڏينهن تائين اسپتال ۾ داخل رهيس ۽ هن سرجري تي هن 61 هزار  8 سئو ڊالر ضايع ڪري ڇڏيا. واضح رهي ته ڪاسميٽڪ سرجري چين ۾ تمام گهڻي مشهور آهي.