هاڻ اسمارٽ فون اوهان کي دل جي ڌڙڪن ۽ نس جي رفتار به ٻڌائيندو

news

ڪيليفورنيا: (آچر 07 فيبروري 2021ع) هاڻ دل جي ڌڙڪن ۽ نس جي رفتار کي اسمارٽ فون جي ذريعي به سڃاڻپ ڪري سگهجي ٿي.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب گوگل سرچ انجڻ ايندڙ مهيني هڪ اهڙو فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي جيڪو اوهان جي دل جي ڌڙڪن ۽ نس جي رفتار بڌائيندو ۽ هي فيچر گوگل فٽ ايپ تي دستياب هوندو.

دل جي ڌڙڪن ۽ نس جي  رفتار ڄاڻڻ جي لاءِ اسمارٽ فون جو فرنٽ ڪيمره استعمال ڪرڻو پوندو ۽ گوگل موبائل فون تي  اهو به ٻڏائيندو ته اوهان هڪ منٽ ۾ ڪيترا ڀيرا ساهه کنيو آهي.

دل جي ڌڙڪن ڏسڻ جي لاءِ اسمارٽ فون جو ڪيمره اوهان جي آڱرين تي ٿيندڙ تبديلين جي خبر لڳائيندو ۽ ان سان دل جي  رفتار خبر پئجي سگهندي پر گوگل جو اهو به چوڻ آهي ته طبي مسئلن جي سڃاڻپ جي لاءِ ان کي استعمال نه ڪيو وڃي.

هن نئين ٽيڪنالاجي جي تحت گوگل فٽ اوهان کي پنهنجي اسمارٽ فون ڪيمرا جو استعمال ڪري دل جي شرح ۽ ساهه جي شرح جي پيمائش ڪرڻ جي اجازت ڏيندو.

گوگل جي اعلان موجب اها سروس تقريبن سمورن اينڊرائيڊ استعمال ڪندڙ فونز تي ڏني ويندي پر في الحال گوگل جي پڪسل اسمارٽ فون تي اها سروس دستياب هوندي.