سنڌ يونيورسٽي ۾ آن ڪئمپس تعليمي سرگرميون باضابطا طور بحال

news

ڄامشورو (پ ر) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ڪورونا ايس او پيز تحت آن ڪئمپس تعليمي سرگرميون باضابطا بحال ٿي ويون آهن ۽ ٻئين سيمسٽر جا مرحليوار فزيڪل امتحان شروع ٿي ويا آهن.

پهرئين مرحلي ۾ مختلف شعبن ۾ زير تعليم آخري سال جي سمورن بئنچن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کان امتحان ورتو ويو. هزارين شاگردن ۽ شاگردياڻين جي اچڻ تي ڪئمپس ۾ رونقون وڌي ويون. مختلف شعبن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪندي پنهنجا پرچا حل ڪيا.

وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو مختلف شعبن ۾ وڃي هلندڙ امتحانن جو جائزو ورتو ۽  امتحاني سينٽرن تي مناسب فاصلي تحت ڪيل سيٽنگ ارينجمينٽ ۽ ڪورونا ايس او پيز تي مڪمل عمل ٿيڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو.