جيڪب آباد ضلعي ڪائونسل جي ملازمن پاران پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج

news

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد جي ضلعي ڪائونسل جي ملازمن ۽ پينشنر پاران پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج، آفيسن جي تالابندي، آفيس آڏو علامتي بک هڙتال، پگھارون جاري نه ٿيڻ تي چيف آفيسر ۽ آڊٽ آفيسر ھڪٻئي کي ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو.

جيڪب آباد جي ضلعي ڪائونسل جي ملازمن ۽ پينشنر پاران ٻن مھينن کان پگهارون جاري نه ٿيڻ خلاف ملازمن ضلع ڪائونسل آفيس جي تالابندي ڪري احتجاجي مظاهرو شبير احمد کوسو، حسين بخش منجھو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪيو ويو.

ملازمن بعد ۾ آفيس ٻاهران علامتي بک هڙتالي ڪيمپ قائم ڪري ويھي رھيا، ملازمن پگهارون جاري نه ٿيڻ خلاف سخت نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي ملازمن دانھيندي چيو ته گذريل ٻن مھينن کان پگهارون ۽ رٽائرڊ ملازمن کي 6 مھينن کان پينشن نه ٿو ڏنو وڃي، جنهن سبب ملازمن جي گھرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي، ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن.

ھنن وڏي وزير ۽ وس وارن کان مطالبو ڪيو ته پگھارون جاري ڪيون وڃن ته جيئن ملازمن ۾ ڦھليل بيچيني ختم ڪئي وڃي، جڏهن ته ان سلسلي ۾ ضلعي ڪائونسل جي چيف آفيسر پير واحد بخش رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته آڊٽ وارن بل پاس نه ڪيا آهن ان لاءِ ملازمن ۽ پينشنر کي پگھارون ڏيڻ ۾ دير ٿي آهي.

جڏهن ته آڊٽ آفيسر نعيم ملڪ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ملازمن جا بل نه پھتا آھن بل پھچن ته پاس ڪيا ويندا.