سنڌ يونيورسٽي ۾ سيمسٽر امتحان جاري، وائيس چانسلر ڊاڪٽر ڪلهوڙو پاران ڪئمپس جو دورو

news

ڄامشورو (پ ر) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ڪورونا ايس او پيز تحت ٻئين سيمسٽر جا مرحليوار فزيڪل امتحان جاري آهن. گذريل ڏينهن به مختلف شعبن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين پرچا ڏنا.

وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو انسٽيٽيوٽ آف انگلش لينگويج اينڊ لٽريچر پهتو، جتي هُن امتحاني هالن ۾ وڃي هلندڙ امتحانن جو جائزو ورتو ۽ شاگردن توڙي شاگردياڻين کان سندن سوالنامي بابت معلومات ورتي.

ان موقعي تي انسٽيٽيوٽ جو ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر طارق عمراڻي، آرٽس فئڪلٽي جو ڊين پروفيسر ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو، سنڌ يونيورسٽي ٺٽي ڪئمپس جو پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر رفيق احمد ميمڻ، پروفيسر ڊاڪٽر محمد خان سانگي، ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽس افيئر ڊاڪٽر محمد يونس لغاري، ڊاڪٽر الاهي بخش گوپانگ، پروفيسر ثاقب ٻرڙو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

وائيس چانسلر ڊاڪٽر ڪلهوڙو انسٽيٽيوٽ ۾ هلندڙ سيمسٽر امتحانن لاءِ ڪيل انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. بعد ۾ هن ڪئمپس جو دورو ڪيو ۽ مختلف شعبن جي ڀرپاسي خوبصورت ٻوٽا ۽ وڻ لڳائڻ جون هدايتون جاري ڪيون. وائيس چانسلر جو چوڻ هو ته سنڌ يونيورسٽي کي خوبصورت بنائڻ لاءِ هرممڪن اپاءُ ورتا ويندا، جڏهن ته وڻڪاري تي به خصوصي ڌيان ڏنو ويندو.