چين جي سامونڊي حدن ويجهو آمريڪي جنگي ٻيڙن جي وڏي چرپر

news

بيجنگ/واشنگٽن: صدر جوبائيڊن جي اقتدار سنڀالڻ بعد آمريڪي جنگي ٻيڙن چين جي سامونڊي حدن ويجهو ٻي وڏي چرپر ڪئي آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب اتر چين جي سمنڊ ۾ آمريڪي جهاز بردار سامونڊي ٻيڙن گڏيل طور مشقون ڪيون جڏهن ته ٿورا ڏينهن اڳ آمريڪا جا جنگي ٻيڙا تڪراري خطي چين جي انتظام هيٺ علائقن ۾ اچي ويا هئا.

چيني پرڏيهي وزارت پاران آمريڪا جي اهڙي قدم کي خطي جي امن ۽ سلامتي  لاءِ خطرو قرار ويو آهي، چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان وانگ وينبن بيجنگ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان هنن جي قدمن تي نظر رکيو پيا اچون، طاقت جو اهڙو مظاهرو خطي ۾ امن ۽ سلامتي لاءِ مددگار ثابت نه ٿيندو.

هن ڌيڪ چيو ته چين پنهنجي سالميت کي برقرار رکڻ ۽ علائقائي امن ۽ سلامتي جي حفاظت لاءِ هر ممڪن قدم کڻندو.

ياد رهي ته ڪجهه ئي ڏينهن پهريان چين پاران پاراسل ٻيٽ جي ويجهو آمريڪي جنگي ٻيڙي جون مڪ ڪين جي چرپر جي مذمت ڪئي هئي، صدر جوبائيڊن جي اقتدر سنڀالڻ کانپوءِ چيني حدن ويجهو هيءَ پهرين وڏي چرپر هئي.