چيني وفد جي سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو سان ملاقات

news

ڄامشورو (پ ر) ڪراچي يونيورسٽي ۾ چين جي ڪنفيوشس انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر زانگ زيائو پنگ پنهنجي 10 رڪني وفد ساڻ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو سان ملاقات ڪئي.

جنهن ۾ سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن کي چيني ٻوليءَ جي سکيا ڏيارڻ ۽ تحقيقي ميدان ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. چيني وفد جي اڳواڻي ڪندڙ زانگ زيائو پنگ وائيس چانسلر کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ چيني ٻوليءَ جي سکيا ڏني وڃي ٿي، جيڪڏهن سنڌ يونيورسٽي جا شاگرد اتي اچڻ چاهين ته کين سفري سهولت يا رهائش ڏئي سگهجي ٿي، جڏهن ته ڪتابن جو خرچ سکيا وٺندڙ پاڻ ڀريندا.

هن چيو ته جيڪڏهن سنڌ يونيورسٽي ۾ چيني ٻوليءَ جي سکيا جو پروگرام شروع ڪيو ويو ته هُو ٽيچر مهيا ڪري سگهن ٿا. ان موقعي تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو چيو ته چيني ٻولي سکڻ جي ضرورت اڄ تمام گهڻي آهي، ڇاڪاڻ ته چين ۽ پاڪستان جا ڪيترائي گڏيل ترقياتي منصوبا جاري آهن، نوجوان چيني ٻولي سکي انهن منصوبن ۾ نوڪريون حاصل ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽي ملڪ جو وڏو تعليمي ادارو آهي، جتي 28 هزار کان وڌيڪ شاگرد ۽ شاگردياڻيون هڪ ئي وقت زير تعليم آهن، جن مان اڪثريت جو تعلق ٻهراڙي جي علائقن سان آهي. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽي ۾ 4 هزار 500 کان وڌيڪ شاگرد ۽ شاگردياڻيون هاسٽلن ۾ رهن ٿا، جڏهن ته باقي 24 هزار شاگرد مختلف پرائيويٽ هاسٽلن ۽ پنهنجن گهرن ۾ رهن ٿا.

هن چيو ته ڪورونا جي صورتحال سبب في الحال چيني ٻولي جا ڪلاس شروع ڪرڻ سميت ڪي به گڏيل فزيڪل سرگرميون نه ٿيون ڪري سگهجن پر تحقيقي ميدان ۾ گڏجي ڪم ڪري سگهجي ٿو.

چيني وفد ۾ زانگ زيائو پنگ کانسواءِ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو جي ڪنفيوشس انسٽيٽيوٽ جو ڊائريڪٽر شائو يين، ڪيڊٽ ڪاليج جو ڪوآرڊينيٽر محمد علي سومرو، چيني ٻوليءَ سيکاريندڙ ٽيچرز محمد برهان خان، زينگ هونگ جوئان، جن يانگ، وينگ يوجنگ، لي وين ڊينو، لي بن ۽ يان يوشان موجود هئا، جڏهن ته ملاقات ۾ سنڌ يونيورسٽي جي ايريا اسٽڊي سينٽر جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر مڪيش ڪمار کٽواڻي، ڊاڪٽر نورين نظر سومرو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

ان کان اڳ چيني وفد ايريا اسٽڊي سينٽر جو دورو پڻ ڪيو ۽ سينٽر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر مڪيش ڪمار کٽواڻي سان تحقيقي منصوبن تي گڏجي ڪم ڪرڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر نائمه تبسم، غلام مرتضيٰ کوسو، رونق علي بهڻ ۽ ماجد علي نوناري پڻ موجود هئا.