بحرالڪاهل ۾ زلزلو، آسٽريليا ۽ نيوزي لينڊ ۾ سونامي جو خطرو

news

سڊني: بحرالڪاحل جي اتر ۾ 7.7 جو شديد زلزلو آيو آهي جنهن کانپوءِ خطي ۾ موجود ملڪن کي سونامي جي خطري کان آگاهه ڪيو ويو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪي جعغرافيائي سروي جو چوڻ آهي ته اربع ۽ خميس جي رات ڪيلوڊونيا جي ڏکڻ ۾ 415 ڪلو ميٽر پري وائو جي جاءِ تي 7.7 جو شديد زلزلو آيو، زلزلي کانپوءِ آمريڪي حڪومت سونامي وارننگ سينٽر خطرناڪ سونامي جي لهرن جي اڳڪٿي جاري ڪري ڇڏي آهي.

وارننگ ۾ چيو ويو هو ته فجي، نيوزي لينڊ ۽  ٻين ننڍن ٻيٽن تي مشتمل ملڪ وينواتو سان اونچيون لهرون ٽڪرائڻ جو خدشو آهي، فجي جي موسمياتي کاتي موجب ملڪ جي ڪنارن سان 3 ميٽر اونچيون لهرون ٽڪرايون.

ان کان علاوه آسٽريليا جي موسمياتي کاتي لارڊ هوئي نالي ٻيٽ جي رهواسين لاءِ سونامي جي خطري جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو.