بدين جي عدالت پاران زال کي قتل ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار مڙس کي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا

news

بدين (رپورٽ: تنوير احمد) زال کي نئون گهر ڏيکارڻ جي بهاني قتل ڪري  لاش کي دفن ڪندڙ جوابدار مڙس کي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت طرفان عمر قيد ۽ 5 لک ڏنڊ جي سزا جو حڪم.

خبر موجب بدين جي عدالت 11 مهينا اڳ ٽنڊي غلام علي شهر ۾ پنهنجي زال 32 ورهين جي پروين کي نئون تعمير ٿيندڙ گهر ڏيکارڻ جي بهاني وٺي وڃي ٽيڪم جا وار ڪري بيدردي سان قتل ڪري لاش کي گھر جي باٿ روم ۾ دفن ڪرڻ واري ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي مقتولا جي مڙس عابد مڪراني کي عمر قيد ۽ 5 لک رپيا ڏنڊ جي سزا جو حڪم ڏنو.

عدالتي فيصلي موجب ڏنڊ نه ڏيڻ جي صورت ۾ جوابدار وڌيڪ هڪ سال قيد ڪاٽيندو، سزا جو حڪم ملڻ کانپوءِ جوابدار کي سينٽرل جيل حيدرآباد روانو ڪيو ويو.

ياد رهي تہ  مقتولا پروين جي ڀاءُ احسان خاصخيلي جي فرياد تي ٽنڊي غلام علي ٿاڻي تي اهڙو قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو.