افغانستان ۾ ڌماڪو: پوليس ڪمانڊر سميت پنج اهلڪار مارجي ويا

news

ڪابل: (ڇنڇر 13 فيبروري 2021ع) افغان صوبي ڪنڙ ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ پوليس ڪمانڊر سميت 5 اهلڪار مارجي ويا آهن.

افغان ميڊيا موجب گذريل رات ٿيندڙ ڌماڪي ۾ پوليس جي گاڏي کي نشانو بنايو ويو. ميڊيا رپورٽن موجب اڄ صبح افغانستان جي شهر جلال آباد ۾ به پوليس جي گاڏي کي نشانو بنايو ويو پر پوليس اهلڪار محفوظ رهيا.

ڌماڪي ۾ 3 شهري به زخمي ٿي پيا. قنڌار صوبي ۾ به ڪار بم ڌماڪي ۾ پوليس فورس جا 12 اهلڪار زخمي ٿي پيا. گهرو وزارت موجب ڪار بم ڌماڪو قندهار جي ضلعي ارغنداب ۾ چيڪ پوسٽ تي اڄ صبح جو ڪيو ويو.

هوڏانهن  افغان بچاءُ واري وزارت جي اختيارين جو چوڻ آهي ته هلمند صوبي جي ضلعي نوا ۾ گذريل ڏينهن ڪيل هوائي حملي ۾ طالبان ريڊ يونٽ جا 16 اهلڪار مارجي ويا.