نوابشاهه جي غريب آباد ڪالوني ۾ معصوم نينگر مبينا اغوا، وجهه وٺي ڀڄي نڪتو، پيءُ جو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

news

نوابشاهه (رپورٽ: فدا چانڊيو) نوابشاهه جي غريب آباد ڪالوني ۾ معصوم نينگر مبينا اغوا، ستين درجي ۾ پڙھندڙ معصوم نينگر مظفر علي ولد منور مغيري رات گھران سامان وٺڻ لاءِ نڪتو ته ڪيري گاڏي ۾ چئن ڄڻن مبينا اغوا ڪيو.

نينگر کي اغوا ڪندڙن بي سيڪشن ٿاڻي جي حد قينچي پل وٽ جھڳين لڪائي ڇڏيو، نينگر وجھ وٺي اتان ڀڄي گھروارن کي فون تي اطلاع ڏنو، نينگر جي پيءُ جي فرياد تي ايئرپورٽ پوليس نينگر جي نشاندهي تي واقعي واري ھنڌ ڇاپو هڻي اغوا جي الزام ۾ ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته پوليس اصل جوابدارن جي گرفتاري جي يقين ڏيارڻ بعد شخصي ضمانت تي آزاد ڪري ڇڏيو.

متاثر نينگر جو والد سميت نوابشاهه پريس ڪلب آڏو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ہنن چيو ته  اغوا ۾ ملوث پنجاب مان آيل صفائي جي بھاني تي ٻارڙن کي اغوا ڪن ٿا، ھن وقت تائين اغوا ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿي سگھيا آھن، جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.