ابرارالحق جي گاڏي حادثي جو شڪار ڀائٽيو سخت زخمي

news

گوجرانوالا: (آچر 14 فيبروري 2021ع) پاڪستان هلال احمر جو چيئرمين ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) اڳواڻ ابرارالحق جي گاڏي گوجرانواله ۾ حادثي جو شڪار ٿي وئي آهي.

ذريعن موجب حادثو ڪوهيڙي سبب پيش آيو ابرارالحق جي گاڏي ڪوهيڙي سبب روڊ تي لڳل ڊيوائيڊر سان ٽڪرائجي وئي. حادثي ۾ ابرارالحق جا گهر ڀاتي محفوظ رهيا پر ابرارالحق جو ڀائتيو زخمي ٿي پيو آهي.

چيئرمين هلال احمر جي ڀائٽي کي شروعاتي طبي امدادي جي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ان جي حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي. حادثي وقت ابرارالحق پنهنجي گهر ڀاتين سان گڏ گاڏي ۾ موجود هو.

ياد رهي ته هلندڙ ڏينهن دوران رات دير سان ۽ صبح جو سوير پنجاب جي مختلف علائقن ۾ ڪوهيڙو رهندو آهي جنهن سبب موٽر وي کي مختلف هنڌن تان بند ڪيو ويندو آهي.