شامي ايئر ڊفينس اسرائيلي حملي کي ناڪام بڻآئي ڇڏيو

news

دمشق: شام جي ايئر ڊفينس اسرائيل پاران ڪيل ميزائل حملي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو.

شامي ميڊيا موجب اسرائيل پاران شام جي راڄڌاني دمشق تي ميزائلن سان حملو ڪيو ويو جنهن کي شامي ايئر ڊفينس ناڪام بڻائي ڇڏيو.

ميڊيا رپورٽس موجب وڌيڪ اسرائيلي حملن کي نظر ۾ رکندي شام جي هوائي دفاعي نظام کي تحرڪ ۾ آندو ويو آهي.

شامي ميڊيا موجب اسرائيل جي ميزائل حملن ۾ صرف شين کي نقصان پهتو باقي ڪو جاني نقصان  نه ٿيو.