پاڪستان لاءِ ايشين ويٽ لفٽنگ ۾ گولڊ ميڊل کٽيندڙ ارشد ملڪ فوت ٿي ويو

news

گوجرانوالا: پاڪستان لاءِ ايشين ويٽ لفٽنگ چيمپئن شپ گولڊ ميڊل کٽيندڙ قومي هيرو ارشد  ملڪ فوت ٿي ويو.

عالمي ويٽ لفٽر جي ڪٽنب ارشد ملڪ جي فوتگي جي تصديق ڪندي چيو ته هن جي عمر 73 سال هئي.

ارشد ملڪي جي ڀائٽي سجاد ٻڌايو ته چاچا 6 سالن کان بيماري ۾ مبتلا هو.

ارشد ملڪ 1947 دوران بنڪانگ ۾ ٿيندڙ ايشين ويٽ لفٽنگ چيمپئن شپ ۾ پاڪستان لاءِ گولڊ ميڊيڪل کٽيو هو، ان کان علاوه هو نيشنل گولڊ  هو ۽ گهڻي وقت کان ريڪارڊر هولڊر به رهيو.