news
ڄامشورو

ڪشمير جو مسئلو ۽ ميڊيا جو ڪردار

گڏيل هندستان جي ورهاڱي جي ٻين گهڻن اڻپورن بابن مان ڪشمير جو مسئلو سڀ کان وڌيڪ اهميت رکي ٿو. انگريز سرڪار جي دستبرداري هزارين ماڻهن جو قتلام، سوين عورتن جي عصمتدري، وڏي پيماني تي لڏپلاڻ ۽ لکين ماڻهن جي دربدري کي جنم ڏيڻ سان گڏوگڏ گڏيل هندستان ۾ آزاد حيثيت ۾ واقع پذير رياستن جي مستقبل جي حيثيتن لاءِ به ڏچو پيدا ڪري ڇڏيو. انڊيا هندو اڪثريت ۽ پاڪستان مسلمان اڪثريت ملڪن جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ انگريز راڄ جي حڪمرانن اهو طئي ڪيو ته آزاد رياستون پنهنجي آبادي جي لحاظ کان ڪهڙي به نئين ٺهيل ملڪ سان الحاق ڪرڻ جو حق رکن ٿيون. مطلب ته مسلمان اڪثريت آبادي واريون رياستون ڀلي پاڪستان سان ۽ هندو اڪثريت آبادي واريون رياستون ڀلي انڊيا سان، بدقسمتي سان ايئن ممڪن ڪونه ٿيو، جنهن ڪشمير مسئلي کي جنم ڏنو.

ڪشمير مسئلو ۽ ان جو بڻ بنياد؛

انگريز سرڪار پاران طئي ٿيل اصولن موجب ڪشمير جي اڪثريت آبادي مسلمان هجڻ ڪري ان جو الحاق پاڪستان سان ٿيڻو هو پر ڪشمير جي راجا مهراجا هري سنگهه عوام جي امنگن جي برخلاف انڊيا سان الحاق جو اعلان ڪيو جنهن تي وادي ۾ ڇڪتاڻ شروع ٿي وئي. ڇڪتاڻ جو فائدو وٺندي انڊيا پنهنجي فوج ڪشمير ۾ داخل ڪري ڏنڊي جي زور تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

هيڏانهن پاڪستان ڪشمير جي مدد ڪرڻ لاءِ پنهنجي فوج ڪشمير ڏانهن موڪلي جنهن جي نتيجي ۾ انڊيا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ پهرين جنگ 1948 ۾ لڳي. ان کان پوءِ جواهر لال نهرو مسئلو اقوام متحدا ۾ کڻي ويو. انهن کان پوءِ ڪشمير جا ٻه حصا پاڪستان جي قبضي ۽ انڊيا جي قبضي هيٺ جي نالن سان ٺاهيا ويا، جيڪي اڄ به ساڳي حيثيت ۾ برقرار آهن، ان مسئلي تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻه جنگيون 1965 ۽ 1999 ۾ لڳي چڪيون آهن.

ڪشمير مسئلي تي پاڪستان، انڊيا ۽ آمريڪي ميڊيا جو ڪردار:

عام طور تي اهو تاثر ڏٺو ويو آهي ته ڪنهن به ملڪ جي ميڊيا ڪنهن به مسئلي تي هڪ آزادانه يا اڻ ڌري موقف بجاءِ اتان جي حڪومتي موقف جي تائيد ڪندي آهي ۽ انهي مواد کي موقف بڻائي هڪ عوامي موقف ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندي آهي. ساڳيو ئي حال ڪشمير مسئلي تي پاڪستان، انڊيا ۽ آمريڪي ميڊيا جو رهيو آهي، پاڪستاني پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا پنهنجو گھڻو وقت ۽ توانائي ڪشمير ۾ انڊين آرمي طرفان ٿيندڙ بنيادي انساني حقن جي لتاڙ کي وائکو ڪرڻ ۾ صرف ڪري ٿي ته وري انڊين پرنٽ ميڊيا ڪشمير ۾ پاڪستان جي سرپرستي هيٺ انڊين آرمي تي آپگهاتي حملا ۽ پرتشدد وارن واقعن کي پروپيگنڊه طور موضوع بڻايو پئي اچي.

ان ڏس ۾ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي طرفان ڊاڪٽر انجم ضياءِ ۽ حاجره سيده پاران پهرين آڪٽوبر 2008 کان 31 ڊسمبر 2008 جي دوران ٽنهي ملڪن جي روزاني اخبارن ۾ ڇپيل مواد جو تقابلي جائزو ورتو ويو، ته جيئن اهو اندازو لڳائي سگھجي ته ٽنهي ملڪن جي ميڊيا ان مسئلي کي ڪهڙي نظر سان ڏسي رهي آهي.

مٿي ٻڌايل ريسرچ ۾ پرنٽ ميڊيا ۾ ڇاپيل مواد جي ئي ٽن حصن ۾ درجابندي ڪئي وئي آهي.

جهڙوڪ: جيڪڏهن مواد اجايو پرتشدد پاسو اڳيان کڻي نه اچي ۽ ان جي ٻولي به اهڙي نه هجي جو مسئلي کي وڌيڪ ڳنڀير ڪري ۽ ڪنهن به قسم جي ڪنهن به بنياد تي نفرت پيدا نه ڪري ان کي مثبت يا مددي چيو ويو.

ٻئي مواد کي ناڪاري چيو ويو جيڪو هڪ ڌري نشريات ڏئي رهيو هو يا تشدد وارو پاسو وڌيڪ بيان ڪري رهيو هو يا حالتن جي حقيقتن کي بگاڙي پيش ڪري رهيو هيو. ان مواد کي به ناڪاري چيو ويو جيڪو مسلح عملن ۽ اهڙن عملن ڪرڻ وارن کي سورمو ڪري پيش ڪري رهيا هئا.

ٽين درجابندي اهڙي مواد جي هئي جنهن کي وچٿرو يا اڻ ڌريو چيو ويو. اهڙو مواد مسئلي جي اڻ ڌري خبر ڏئي رهيو هو ۽  نه هاڪاري ۽ نه ئي ناڪاري مواد جي درجابندي ۾ اچي رهيو هو.

ان ريسرچ مطابق پاڪستان جي ميڊيا جو هي ڪردار هيو:

پاڪستان جي روزاني (ڊان) اخبار ان دوران ڪل 65 خبرون ڪشمير مسئلي تي ڇاپيون. جنهن مان 20 يعني 31 سيڪڙو مثبت ۽ 10 يعني 15 سيڪڙو ناڪاري ۽ باقي 35 يعني 53 سيڪڙو اڻ ڌريون خبرون هيون. مطلب ته پاڪستاني اخبار ناڪاري مواد تمام گھٽ ڇاپي ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ راهه هموار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

ڪشمير مسئلي تي انڊين ميڊيا جو ڪردار:

مٿي ٻڌايل ساڳئي ريسرچ مطابق جڏهن انڊيا جي روزاني اخبار (دي ٽائيمز آف انڊيا) جي مواد کي ڏٺو ويو ته هن اخبار ڪل 87 خبرون ڇاپيون تن مان 18 يعني 20 سيڪڙو مثبت هيون، جڏهن ته 36 يعني 44 سيڪڙو ناڪاري ۽ 31 يعني 35 سيڪڙو اڻ ڌريو مواد ڇاپيو. 

بين الاقوامي ميديا مان آمريڪي ميڊيا جو ڪردار:

ساڳئي مسئلي تي آمريڪا جي روزاني (دي نيويارڪ ٽائيم) ڪل 04 خبرون ڇاپيون جن مان هڪ مثبت ۽ باقي 3 ناڪاري هيون.

نتيجو: مٿي ٻڌايل ريسرچ مان اهو واضح آهي ته ميڊيا ڪشمير جي مسئلي تي پنهنجو ڪردار ڪهڙي نموني ادا ڪيو آهي. سڀ کان گھٽ ناڪاري مواد پاڪستاني ميڊيا 15 سيڪڙو ڇاپيو، جڏهن ته سڀ کان گھڻو ناڪاري مواد آمريڪي ميڊيا 75 سيڪڙو ڇاپيو ۽ انڊين ميڊيا آمريڪا کان گھٽ ۽ پاڪستاني ميڊيا کان وڌيڪ 44 سيڪڙو ناڪاري مواد ڇاپيو. 

ان اهڙي وقت ۾ ناڪاري مواد ڇاپي مسئلي کي وڌيڪ ڳنڀير ۽ پرتشدد ڪري سگھجي ٿو پر ان مسئلي جو ڪو پرامن ۽ ديرپا حل ڪڍڻ تمام ڏکيو آهي. ميڊيا کي گھرجي ته مثبت مواد سان گڏوگڏ مثبت رويا به ماڻهن تائين پهچائي ۽ هڪ امن واري فضا قائم ڪري ته جيئن ان سالن پراڻي مسئلي جو ڪو پرامن حل ممڪن ٿي سگھي.