نوابشاهه ڀرسان سڪرنڊ روڊ تي بس ۽ چنگچي ۾ زوردار ٽڪر، ٽي ڄڻا زخمي

news

نوابشاهه (رپورٽ: فدا چانڊيو)  نوابشاهه ڀرسان سڪرنڊ روڊ تي زيرو پوائنٽ وٽ بس ۽ رڪشا چنگچي ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو، جنھن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

زخمين ۾ محمد آچر، محمد رمضان موچي ۽ جمشيد احمد شامل آهن، زخمين کي فوري طور پي ايم يو اسپتال نوابشاهه آندو ويو.