نئون ڪوٽ ۾ مين ڪئنال برانچ سميت رڻ شاخ ۽ سھيڙي شاخ جي ڪپرن تي ٿيل حددخلين خلاف آپريشن ڪيو ويو

news

نئون ڪوٽ (رپورٽ: پيار علي نھڙيو) عدالتي حڪم تي سب ڊويزن نئون ڪوٽ جي مين ڪئنال برانچ سميت رڻ شاخ ۽ سھيڙي شاخ جي ڪپرن تي اڏيل غيرقانوني اڏاوتن خلاف ايس ڊي او  ايريگيشن شاڪر ميمڻ ۽ تعلقي ڪلوئي جي اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار جي نگراني ۾ آپريشن ڪيو ويو.

حددخلين خلاف آپريشن ۾ 40 دڪانن سميت 4 هوٽلن کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ ايس ڊي او ايريگيشن سبب ڊويزن نئون ڪوٽ ٻڌايو ته اسان شاخن ۽ واهن جي ڪپن تي غيرقانوني اڏاوتون ڪندڙن کي ٻه مهينا اڳ نوٽيس ڏنا هئا، ان باوجود به غيرقانوني اڏاوتون ڪندڙ قبضا مافيا اڏاوتون نه هٽايون جنهن بعد عدالتي حڪم تي اسان اڄ ڪارروائي ڪندي غيرقانوني اڏاوتون هٽائي رهيا آهيون.

ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر ڪلوئي  فيصل نديم ۽ مختيارڪار ڪلوئي سجاد انصاري به گڏ هئا.