ڪوئٽا پهچڻ تي قومي مڪسڊ مارشل آرٽ احمد مجتبيٰ جو شاندار استقبال

news

ڪوئٽا: ڀارتي رانديگر کي شڪست ڏيندڙ قومي مارشل آرٽس هيرو احمد مجتبيٰ جي ڪوئٽا پهچڻ تي سندس شاندار استقبال ڪيو ويو، مٿس گلن جي ورکا ڪئي وئي ۽ پاڪستان زندهه آباد جا نعرا هنيا ويا.

احمد مجتبيٰ جو استقبال ڪندڙن ۾ پارلياماني سيڪريٽريز بشريٰ رند ۽ ڌنيش ڪمار، بلوچستان حڪومت جو ترجمان لياقت شاهواڻي ۽ راندين جو سيڪريٽري عمران گچڪي سميت ٻيا عملدار موجود هئا.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي احمد مجتبيٰ جو چوڻ هو ته آئون الله تعاليٰ جو شڪرگذار آهيان جنهن مونکي اهڙي عزت ڏني.