ڇا هاڻ ٽوئٽر صارفين وائس پيغام به موڪلي سگهندا؟

news

بيجنگ: (اربع 17 فيبروري 2021ع) مشهور سوشل ميڊيا پليٽ فارمز واٽس ايپ، فيس بڪ ۽ انسٽاگرام جيان هاڻ مائيڪرو بلاگنگ سائٽ ٽوئٽر تي به ڊائريڪٽ ميسجز(ڊي ايم) تي وائس پيغام موڪلڻ جي فيچر جي آزمائش ڪئي پئي وڃي.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب ٽوئٽر تي وائس پيغام موڪلڻ جو هي فيچر اڃان آزمائشي مرحلي ۾ آهي جنهن کي جاپان، برازيل ۽ ڀارت ۾ پيش ڪيو ويو آهي. ٽوئٽر هن فيچر کي سائٽ ۾ شامل ڪرڻ جي حوالي سان گذريل سال سيپٽمبر ۾ اعلان ڪيو هو ۽ ٻڌايو هو ته هن فيچر جي تحت ٽوئٽر صارفين به هڪ ٻئي کي 140 سيڪنڊن جي ٽائيم سان وائس پيغام موڪلي سگهندا.

ڪمپني جو چوڻ آهي ته وائس پيغام موڪلڻ جو هي فيچر صرف اينڊرائيڊ ۽ آءِ او ايس صارفين کي ئي ملي سگهندو. جڏهن ته ڊيسڪ ٽاپ صارفين هن وائس پيغام  کي صرف ٻڌي سگهندا. ياد رهي ته ڪمپني طرفان اڃان تائين اهو واضح نه ڪيو ويو آهي ته  وائس پيغام جو هي فيچر  سڄي دنيا جي صارفين جي لاءِ ڪڏهن ميسر ٿيندو.