جعلي ڊگري ڪيس: اڳوڻي سينيٽر ياسمين شاهه کي عدالت ٻه سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي
ويب ڊيسڪ | 2 مھينا پھريان

بدين: (اربع 17 فيبروري 2021ع) عدالت جعلي ڊگري جمع ڪرائڻ واري ڪيس ۾ اڳوڻي سينيٽر ياسمين شاهه کي عدالت سزا ٻڌائي ڇڏي.
رپورٽ موجب بدين جي سيشن عدالت جي جج جاويد عباسي جعلي ڊگري ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي اڳوڻي سينيٽر ياسمين شاهه کي 2 سال قيد ۽ 5 هزار روپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. عدالت طرفان ڪيس جو فيصلو ٻڌائڻ کان پوءِ اڳوڻي سينيٽر ياسمين شاهه کي گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو آهي.
ياسمين شاهه 2002 جي سينيٽ چونڊن ۾ بي اي جي جعلي ڊگري جمع ڪرائي هئي. اليڪشن ڪميشن جعلي ڊگري جمع ڪرائڻ تي ياسمين شاهه جي خلاف سيشن جج جي عدالت ۾ ريفرنس داخل ڪيو هو. ان جي پگهار سميت سمورا الائونسز به واپس وٺڻ جو حڪم ڏنو هو.
ياد رهي ته اڳوڻي سينيٽر ياسمين شاهه ۽ ان جي مڙس علي بخش عرف(پپو شاهه) 2008 ۽ 2013 جي عام چونڊن ۾ به حصو ورتو هو پر کين شڪست کي منهن ڏيڻو پيو. جڏهن ته 2015 ۾ ٻنهي فنڪشنل مسلم ليگ کي ڇڏي پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي.

103