گولاڙچي: ڊپٽي ڪمشنر ڇهه ايمبولينسون صحت کاتي حوالي ڪري ڇڏيون

news

گولاڙچي(ساجد اقبال راجپوت) سول انڊس اسپتال بدين تعلقه اسپتال ٽنڊو باگو ميڊيڪل سينٽر ڪڙيو گنھور بيسڪ ھيلٿ يونٽ راھوڪي بيسڪ ھيلٿ يونٽ ٻيڊمي ۽ رورل ھيلٿ سينٽر راجو خاناڻي کي نيون ايمبولينس ڏنيون ويون. 

ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سيد اعجاز علي شاھ چيو ته ايمبولينس جي کوٽ سبب غريب ماڻهو پريشاني کي منهن ڏئي رھيا ھئا.

ھن چيو ته پبلڪ سروينٽ آھيون اسان جو ڪم عوام جي خدمت ڪرڻ آهي، انساني زندگي انتهائي قيمتي آهي انھي جو ڪو به نعمل بدل نه  آهي وقت سر طبعي امداد ڏيئي انساني زندگي بچائي سگهجي ٿي. 

انهيءَ موقعي تي اي ڊي سي ون غلام عباس ميمڻ، ڊي ايڇ او ڊاڪٽر لياقت قمبراڻي، انڊس اسپتال جو انچارج ڊاڪٽر اخلاق احمد ۽ ڊاڪٽر  ڪوثر منڌرو سميت ميڊيا جا نمائنده پڻ موجود ھئا.