پنوعاقل جي خانگي اسڪولن اندر ٻارڙن کي غيرمعياري شيون وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف، والدين سخت پريشان

news

پنوعاقل (رپورٽ: قربان ملڪ) پنوعاقل جي سمورن پرائيويٽ اسڪولن اندر ٻارڙن ۾ غير معياري ٿرڊ ڪلاس درجي ۽ مدي خارج کاڌي جون شيون وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف، ڪيترن ئي اسڪولن جا معصوم ٻارڙا مختلف بيمارين ۾ وٺجي ويا، ڪيترن اسڪولن ۾ ڪورونا ايس او پيز تي به عمل نہ ٿيڻ لڳو، شاگردن جي والدين ۽ شھرين پاران غيرمعياري تعليم سان گڏ غيرمعياري شيون وڪڻندڙ ٽڪ شاپز ۽ ايس او پيز تي عمل نه ڪندڙ اسڪول انتظاميا خلاف ڪارروائي جو مطالبو.

خبرموجب پنوعاقل جي 50 کان وڌيڪ مختلف خانگي اسڪولن ۾ پڙھندڙ ننڍڙا معصوم ٻارڙا اسڪولن اندر غير معياري، مدي خارج کاڌي جون شيون واپرائڻ سبب مختلف بيمارين دمو، اسٿما، کنگھ، چيسٽ انفيڪشن، بخار توڙي معدي ۽ پيٽ جي ٻين بيمارين ۾ وڪوڙجي رھيا آھن پر اسڪول انتظاميا ان پاسي ڏانھن ڪو به ڌيان نه ڏنو آھي.

پنوعاقل جي خانگي اسڪول انتظاميا ٻارڙن جي تعليم سان گڏ سندن کاڌي پيتي جي شين جي معيار تي ڪا به نظر نٿا رکن، چند ٽڪن عيوض اسڪولن اندر شين جي دڪانن يعني ”ٽڪ شاپس“ کي منافعي خور ٺيڪيدارن جي حوالي ڪري معصومن شاگردن جي زندگين سان کيڏي رهيا آهن پر اداري جي ذميوارن پاران ان سلسلي ۾ ڪو بہ قدم ناھي کنيو.

تازو سنڌ فوڊ اٿارٽي پاران اھڙو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو ھو، جنھن ۾ واضح نموني حڪم ڏنو ويو آهي ته اسڪولن ۽ ڪاليجز اندر غير معياري کاڌي جون شيون جھڙوڪ خراب کليل تيل ۾ تريل پاپڙ، چپس، رنگين رنگن ۾ رنڱيل ٽافيون، چاڪليٽ، غير معياري ٿرڊ ڊگري بوتلون، جوس توڙي ٻيون شيون جنھن جي مسلسل استعمال سان ٻارن ۾ مختلف بيماريون ظاھر ٿين پيون مٿن پابندي لاڳو ڪيل آھي،

ان باوجود پنوعاقل تعلقي اندر سرڪاري توڙي خانگي تعليمي ادارن اندر ٻارڙن جي صحت سان دشمني عروج تي آھي.

ان سلسلي ۾ سڄاڻ شھرين ۽ والدين جو چوڻ آھي تہ ادارن جا مالڪ معصوم شاگردن جي بيمارين جا ذميوار آھن، جيڪي پنھنجي اولاد لاءِ تہ بھتر سوچ رکن ٿا پر ٻين جي اولاد مٿان ڪا بہ نظر ناھي، ٻارڙن تي استادن جو تشدد يا شاگردن جي ھڪ ٻئي سان ويڙهه اسڪول ۾ تربيت جي فقدان جي علامت آھي، جنھن جا روزانو ڪيترائي مثال سامھون اچن ٿا.

اھڙي عمل ۾ ملوث ادارن خلاف ڪورٽن ۾ پڻ وينداسون ۽ ھنن ڊي سي سکر، اي سي پنوعاقل، مختيارڪار پنوعاقل کي درخواست ڪئي آھي تہ عملي طور حرڪت ۾ اچي غير معياري شين جو ڌنڌو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري کاڌي جو کليل تيل، غير معياري شين توڙي ٻين پابندي مڙھيل شين جو وڪرو ڪندڙ عام دڪاندارن توڙي اسڪولن ۾ ٽڪ شاپز تي ڇاپا ھڻي عوام جي صحت لاءِ ھاڃيڪار شيون ضبط ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيو وڃي ۽ معصوم شاگردن کي وڌيڪ بيمارين کان تحفظ ڏنو وڃي.