ٽنڊو محمد خان ۾ پاپوليشن کاتي جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

news

ٽنڊو محمد خان (رپورٽ: ذوالفقار چانڊيو) پاپوليشن کاتي جي ملازمن مطالبن جي مڃتا لاءِ ضلعي صدر رياض چانڊيو، شاھده خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو، مظاھري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته حڪومت سنڌ ۾ پاپوليشن کاتي جي ھزارين ملازمن جا اسڪيل روائس نه ڪري ۽ ننڍن ملازمن سان ناانصافي ڪري رھي آھي ۽ ڪيترن سالن جا رھيل پروموشن نه ٿا ڪيا وڃن.

ھنن چيو ته اسان ننڍن ملازمن جا جائز مسئلا حل ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ۽ ملازمن جا اسڪيل بحال ڪيا وڃن.