نئون ڪوٽ لڳ ايريگيشن عملي ۽ ضلعي انتظاميا خلاف واپاري اڳواڻن جو احتجاج

news

نئون ڪوٽ (رپورٽ: پيار علي نھڙيو) نئون ڪوٽ ڀرسان رحمان آباد اسٽاپ تي ايريگيشن عملي ۽ ضلعي ٿرپارڪر جي انتظاميا خلاف واپاري اڳواڻن محمد اسماعيل سمون، ڀڳوانداس مهراج، موهن ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته ايريگيشن عملو 65 فٽ جي ماپ بجاءِ وڌيڪ ماپ ڏئي، اسان جا دڪان ڊهرائي رهيو آهي، جيڪا سراسر زيادتي آهي.

هنن چيو ته گذريل سال ڪورونا ۽ ٻوڏ جي ڪري اسان جي ڪاروبار کي لکين روپين جو نقصان رسيو، جنهن جي ڪري اسان اڃان پنهنجي پيرن تي ناهيون بيهي سگهيا، مٿان وري انتظاميه حددخلين جي آڙ وٺي اسان جا دڪان ڊهرائي رهي آهي، جيڪا سراسر ناانصافي آهي.

هنن سنڌ سرڪار سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اسان سان ٿيندڙ ناانصافين جو نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.