فيس بڪ آسٽريلوي ميڊيا مٿان خبرون شيئر ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي

news

سڊني: (خميس 18 فيبروري 2021ع) سماجي رابطن جي ويب سائٽ فيس بڪ آسٽريلوي ميڊيا جون خبرون شيئر ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب آسٽريلوي حڪومت قانون متعارف ڪرايو آهي جنهن جي تحت آسٽريلوي ميڊيا ويب سائٽس جون خبرون ۽ مواد شيئر ڪرڻ تي فيس بڪ کي حاصل ٿيندڙ آمدني کان ان ميڊيا ادارن کي به ادائيگي ڪرڻي پوندي.

ان تي فيس بڪ آسٽريلين صارفين تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي ته هو آسٽريلوي ميڊيا جي ڪنهن به خبر يا مضمون کي پنهنجي پيج ۽ وال تي شيئر نٿا ڪري سگهن جڏهن ته آسٽريلوي ميڊيا به پنهنجا فيس بڪ پيجز استعمال نه ڪري سگهندي.

آسٽريليا فيس بڪ جي ان قدم کي طاقت جو هرون ڀرون جو غلط استعمال قرار ڏنو آهي. فيس بڪ کي ڊپ آهي ته جيڪڏهن انهن آسٽريليا جي ان قانون کي مڃي ورتو ته ان جي مثال بنائيندي باقي ملڪ به اهڙا قانون متعارف ڪرائيندا.