جيڪب آباد ۾ کوسا برادري جي چڱي مڙس جي گھر تي فائرنگ وارو مامرو، صوبائي صلاحڪار جو سؤٽ ميڙ کڻي چڱي مڙس وٽ پھتو

news

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد ۾ صوبائي صلاحڪار جي ڀائٽي جو کوسا برادري جي چڱي مڙس جي گھر تي فائرنگ وارو مامرو، صوبائي صلاحڪار جو سؤٽ سردار نور رحمان جکراڻي ميڙ کڻي چڱي مڙس وٽ پھتو، سردار عبدالرزاق کوسو ۽ برادري سان مشوري بعد ٺاهه بابت ٻڌايو ويندو، چڱو مڙس حاجي خاوند بخش کوسو جو جواب.

خبر موجب ٽي ڏينهن اڳ صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي جي ڀائيٽي بقا جکراڻي جو ڪمينٽس ڏيڻ تي کوسا برادري جي چڱي مڙس حاجي خاوند بخش کوسو جي گھر تي فائرنگ واري معاملي بعد کوسا برادري جي ڪٺ ۾ جکراڻي برادري سان بائيڪاٽ جي اعلان بعد صوبائي صلاحڪار اعجاز حسين جکراڻي جو سؤٽ جکراڻي برادري جي سردار نور رحمان جکراڻي، طاھر خان کوسو ۽ صابر جکراڻي ساڻ ڪري ميڙ کڻي کوسا ھائوس پھتو.

سردار نور رحمان جکراڻي کوسا برادري جي چڱي مڙس حاجي خاوند بخش کوسو کي چيو ته ڇوڪرن انتھائي نامناسب قدم کنيو آهي، اسان کي ان عمل تي شرمساري ٿئي ٿي، اسان لنگھي آيا آهيون اوهان جو گهر ۽ اسان جو گھر ھڪ آهي، اوھان جي وڏن جا اسان تي احسان آهن، ھاڻي معاملي کي درگذر ڪيو وڃي.

ميڙ اچڻ بعد حاجي خاوند بخش کوسو معززين کي چيو ته فائرنگ واري واقعي کان پوءِ سردار عبدالرزاق کوسو ۽ برادري ساٿ ڏنو آهي، انهن سان مشورو ڪري اوهان کي جواب ڏنو ويندو.

واضح رهي ته ٽي ڏينهن اڳ صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي جي ڀائيٽي ڪمينٽس ڏيڻ تي کوسا برادري جي چڱي مڙس جي گھر جي دروازي تي سڌيون گوليون ھنيون ھيون، جنھن بعد کوسا برادري جي چڱن مڙسن سردار عبدالرزاق کوسو جي سربراهي ھيٺ ڪٺ ڪوٺائي جکراڻي برادري کان سماجي بائيڪاٽ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ھو.