سنڌ يونيورسٽي پاران انڊس ميڊيڪل ڪاليج ۾ فائنل پروفيشنل ايم بي بي ايس جا ڇهه ماهي امتحان ٽيويهه فيبروري کان وٺڻ جو اعلان

news

ڄامشورو (پ ر) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي سالياني امتحانن واري ڪنٽرولر پروفيسر ڊاڪٽر سراج الحق ڪانڌڙو پنهنجي هڪ پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته فائنل پروفيشنل ايم بي بي ايس باءِ اينوئل (ڇهه ماهي) امتحان 2019ع هلندڙ مهيني جي 23 تاريخ کان انڊس ميڊيڪل ڪاليج ٽنڊو محمد خان ۾ منعقد ٿيندا.

پڌرائي موجب گائناڪالاجي جو پرچو 23 فيبروري ۽ آبسٽيٽرڪس جو پرچو 24 فيبروري تي ورتو ويندو، جڏهن ته ڄاڻايل ٻنهي مضمونن جا پريڪٽيڪل 25 ۽ 26 فيبروري تي ترتيبوار ورتا ويندا.

پڌرائي موجب انڊس ميڊيڪل ڪاليج ٽنڊو محمد خان ۾ شروع ٿيندڙ امتحانن دوران ڪورونا ايس او پيز تي عمل يقيني بڻايو وڃي.