ميهڙ ۾ ام رباب جي ٽن گهرڀاتين جي قتل ڪيس ۾ نامزد مک جوابدار مرتضيٰ چانڊيو کي ڪشمور پوليس گرفتار ڪري ورتو

news

ميھڙ (رپورٽ: جاويد سومرو) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ازخود نوٽيس ڪيس ۾ مشھور ام رباب ڪيس جو مک نامزد جوابدار مرتضيٰ چانڊيو کي ڪشمور پوليس گرفتار ڪري ورتو آھي.

ان سلسلي ۾ ايس ايس پي ڪشمور ائٽ ڪنڌڪوٽ امجد احمد شيخ دعويٰ ڪئي آهي ته ڪشمور پوليس ڳجهي اطلاع تي سنڌ پنجاب جي سرحدي علائقي مان ام رباب ڪيس جي ٻئين مک جوابدار مرتضيٰ چانڊيو کي گرفتارڪيو آھي.

ايس ايس پي مطابق گرفتار جوابدار بلوچستان کان پنجاب فرار ٿي رھيو ھو ته کيس ڳجهي اطلاع تي ڇاپو ھڻي گرفتار ڪيو ويو آھي.

ٻئي طرف ام رباب چانڊيو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته جوابدار مرتضيٰ چانڊيو جي گرفتاري سنڌ جي شعور جي ڪاميابي آهي. هن چيو ته جوابدارن کي سزا ڏيارڻ لاءِ عدالت جي فيصلي مان اميد رکان ٿي.