چيني ڪمپني شياومي پنهنجي ڪار تيار ڪرڻ جو منصوبو شروع ڪري ڇڏيو

news

لنڊن: (ڇنڇر 20 فيبروري 2021ع) اسمارٽ فون تيار ڪندڙ مشهور چيني ٽيڪنالوجي ڪمپني شياومي هاڻ آٽو انڊسٽري ۾ به پنهنجا قدم ڄمائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

آءِ فينگ نيوز جي تازي رپورٽ موجب چيني ڪمپني شياومي ڪار تيار ڪرڻ جي منصوبه بندي ڪري رهي آهي. رپورٽ موجب شياومي جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر(سي اي او) لي جن ڪار جي تياري واري پروجڪيٽ جي نگراني ڪري رهيو آهي.

چيني ڪمپني هن معاملي تي ڪنهن به قسم جو بيان ڏيڻ کان پاسو ڪيو آهي ۽ اها  اميد ڪئي پئي وڃي ته ڪمپني سمورين شين کي حتمي شڪل ڏيڻ کان پوءِ ئي ان حوالي سان ڪو اعلان ڪندي.