نئون ڪوٽ لڳ غيرقانوني اڏاوتون ڊاهڻ بعد ٻيهر قبضا مافيا سرگرم، متاثرين جو احتجاج

news

نئون ڪوٽ (رپورٽ: پيار علي نھڙيو) نئون ڪوٽ ويجهو رحمان آباد اسٽاپ تي عدالتي حڪم تي ٻه ڏينهن اڳ ايريگيشن عملي ۽ ضلعي ٿرپارڪر انتظاميا پاران هيوي مشينري ذريعي غيرقانوني اڏاوتن خلاف ڪارروائي ڪندي 70 دڪانون، 10 هوٽلون ۽ هڪ پمپ ڊاهي غير قانوني اڏاوتون هٽايون هيون، جنهن بعد ٻيهر قبضا مافيا سرگرم ٿي شاخ جي ڪپ تي مال جا واڙا، مرغي جا دڪان، ڪئبينون ۽ رڪشن جا اڏا قائم ڪري ورتا.

ان سلسلي ۾ اتي جي دڪاندارن دانھيندي چيو ته انتظاميا ٻه ڏينهن اڳ اسان جا دڪان ڊاهرائي لکين رپين جو نقصان رسايو پر بااثر ٻيهر پنهنجو قبضو ڄمائي رهيا آهن، انهن خلاف انتظاميه ڪابه ڪارروائي نه ٿي ڪري جيڪڏهن انتظاميه کي فوٽو سيشن ڪرڻو هو ته پوءِ اسان غريبن جا اجھا ڇو ڊاهيا ويا.

هنن آبپاشي عملي سميت ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر کان مطالبو ڪيو ته فورن قبضا مافيائن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.