ڄام صاحب ۾ جشن لطيف، ڪيڪ ڪاٽيو ويو، صوفياڻي راڳ جي محفل

news

ڄام صاحب(رپورٽ:گلزار گل منگي) شاھ لطيف فائونڊيشن ڄام صاحب جي اڳواڻن  لالا بشير احمد شر، ڊاڪٽر نظام الدين ڀٽي پاران ڄام صاحب شھر ۾ شاعرن جي سرتاجَ حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جي 340 ھين جشنِ ولادت جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو.

پروگرام جو مھمانِ خاص حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جو وقتي سجاده نشين سيد خاور حسين شاھ لطيفي چيو تہ درگاھن جي نسبت سان پروگرام ٿيڻ گھرجن، درگاھون امن، روادري، محبت ۽ ڀائيچاري جو درس ڏين ٿيون ۽ درگاھن تي وڃڻ سان ذھني سڪون ملي ٿو.

جشن لطيف جي پروگرام جي موقعي تي ڄام صاحب واسين کي مبارڪباد پيش ڪيون ٿا جڏھن تہ جشن لطيف جي محفل ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحہ جي راڳين شاھ جي وائي پيش ڪئي، جڏهن ته سنڌ جي بھترين صوفي فنڪار مرحوم جمال الدين جي پٽ صوفي فنڪار فقير برڪت جمال صوفي ڪلام ڳائي محفل ۾ ويٺل ماڻھن تي وجد طاري ڪري ڇو..

جشن لطيف جي پروگرام ۾ سخي ڄام ڏاتار جي سجاده نشين فقير نويد حسين وسطڙو، انجنيئر عبدالرسول بروھي، حضور بخش بروھي، ڊاڪٽر جمشيد آفريدي، عبدالفتاح بروھي، صحافي غلام سرور خاصخيلي سميت وڏي تعداد ۾ شھر جي مختلف سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ ماڻھن شرڪت ڪئي.