ٽنڊومحمدخان: پڪوڙن جي گاڏي تي گيس سيلينڊر ڦاٽي پيو، پورهيت زخمي

news

ٽنڊو محمد خان ( رپورٽ:ذوالفقار چانڊيو) ٽنڊو محمد خان شهر جي پراڻي بس اسٽاپ تي مير غلام علي پارڪ ڀرسان پڪوڙن جو گاڏو لڳائيندڙ امتياز علي ڀٽي جي پڪوڙن واري گاڏي تي پيل گئس سلينڊر کي اچانڪ باھ لڳي ويئي، جنهن سبب گاڏو لڳائيندڙ امتياز علي ڀٽي سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي ٽنڊو محمد خان جي ڊسٽرڪٽ اسپتال پهچايو ويو.

اسپتال ۾ سندس حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي ويئي آهي، ٻئي طرف گاڏي تي پيل سمورو سامان سڙي رک جو ڍير بڻجي ويو.